منير احمد چنا

منير احمد چنا

چنا منير احمد

چنا، منير احمد: منير احمد چنو ولد حڪيم ميان شفيع محمد چنو، 6 جنوري 1947ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. سندس آبائِي ڳوٺ مراد آباد چنا آهي. هن ابتدائي تعليم مين پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ 1963ع ۾ دادوءَ مان ڪئي. هن گريجوئيشن 1968ع ۾ ڊگري ڪاليج دادو مـان ڪـئـي، جنهـن کان پـوءِ 1968ع ۾ ايـم. اي پـوليـٽيـڪـل سـائـنـس ۾ سـنـڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ داخلا ورتائين، جتي هڪ سال تائين پڙهيو. انهيءَ عرصي ۾ سندس پيءُ جي وفات ٿي، جنهن سبب ايم. اي مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ ڳوٺ اچي زمينداري ڪيائين. اڳتي هلي 1970ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. منير احمد چنا جي قاضي فيض محمد ۽ سائين جي. ايم. سيد سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي. 1969ع ۾ ’سنڌ متحده محاذ‘ سان لاڳاپيل رهيو. جڏهن شيخ مجيب الرحمان، ايوب خان جي دؤر ۾ سازش ڪيسن مان آزاد ٿي لاهور پهتو ته سندس آجيان لاءِ ويل وفد ۾ سائين جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد، خان محمد پنهور، يوسف ٽالپر، اقبال ميمڻ، اڪبر بروهيءَ سان گڏ منير احمد چنا به هو، جتي هن شيخ مجيب الرحمان کي اجرڪ پيش ڪئي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان 1969ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي آجياڻي ۾ شرڪت لاءِ آيو ته منير احمد چنو به ان ۾ شامل هو. ان کان اڳ منير احمد چنا بنگلاديش به ويو هو، جتي هن شيخ مجيب ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ڊاڪٽر ڪمال حسين ۽ بيگم نورجهان سان ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ملاقاتون ڪيون.
1969ع جي آخر ۾ هن پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرشپ اختيار ڪئي. 1977ع ۾ دادو ضلعي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کان پوءِ ڪافي مايوس ٿيو. هن 1985ع جي صوبائي چونڊن ۾ به حصو ورتو، پر ڪامياب نه ٿيو. هن وقت زمينداري ۽ ڪاروبار سان واڳيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.06  عيسوي

منير احمد چنو ولد حڪيم ميان شفيع محمد چنو، 6 جنوري 1947ع تي دادوءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الحق جنرل
اخلاق انصاري
پيرزادو واحد بخش عاشق
اسد الله ڀٽو مولانا
رامانند سوامي
حاجي محمد رحيم ڪنڀر
چنا منير احمد
افشان احمد
دين محمد لاشاري
سلا خان ڊومينيق ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون